خلافت راشديه جو ٽيون خليفو حضرت پورو نالو (عثمان بن عفان) حضرت عُثمان غني رضيه سن 576ع (طائف) ۾ پئدا ٿيا۔ سندن عهد خلافت 11 نومبر 644ع (23 هجري) کان 17 جولا سال 656ع (35 هجري) تائين هلي۔ سندن لقب غني ۽ ذوالنورين هو۔ وفات 17 جولا سال 656ع(35 هجري) ۾ ٿي سندن عُمر (76۔75 سال هئي) ۔سندن وفات جو مقام به مدينه مُنوره هو۔ ۽ تدفين جنت البقي مديني ۾ ٿي۔ پاڻ قريش جي هڪ شاخ (بنو اُميه) ۾ پئدا ٿيا. پاڻ جن پهرئين اسلام قبول ڪيو هو اُنهن ۾ شامل هُئا۔ انتهائي خُدا ترس ۽ غني طبيعت جا مالڪ هُئا جنهن جي ڪري نبي سائين ص جن کين غني لقب کان نوازيو هو۔ سندُن تعلق قريش جي مشهور شاخ (بنو اُميه) سان هو۔